سبيءَ وارو جهڏو

سبيءَ وارو جهڏو: ضلعي لسٻيلي، بلوچستان جي پاٻوڻي ناڪي وٽ هي ماڳ موجود آهي. هي هڪ چشمو آهي. هن جهڏي سان سنڌ ۽ بلوچستان جو مشهور داستان سسئي پنهونءَ جو واسطو چيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن سسئي پنهونءَ کي ڳوليندي هن هنڌ تي پهتي هئي ۽ اڃ ۾ صفا بيحال ٿي پئي هئي،ته معجزاتي طور هتي هيءُ چشمو پيدا ٿي پيو هو. هيءُ قصو سنڌي، بلوچي، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ مشهور ۽ منظوم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو